سمو غلام مصطفيٰ مشتاق

سـمو، غلام مصطـفـيٰ مشتاق (ڍولڪ نواز): ڍولــڪ نــواز غلام مصطفيٰ مشتاق سمو، ولد خان محمد سمو 1961ع ڌاري ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق هڪ موسيقار گهراڻي سان آهي.
هن جو والد خان محمد سمو پنهنجي دؤر جو سريلو شرناءِ نواز ۽ طبلا نواز هو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ غلام شبير سمو سنڌ جو مقبول راڳي آهي. غلام مصطفيٰ مشتاق جي نصابي تعليم پنج درجا آهي. اٽڪل ڏهن ٻارنهن سالن جي عمر کان ئي طبلي ۽ ڍولڪ جي فن سان سلهاڙجي ويو. هن ان فن جي بنيادي سکيا پنهنجي والد کان ورتي، بعد ۾ استاد حاجي خان دودا پوري سندس باقاعدي استاد ٿيو.
هن طبلي جا ڪجهه سبق استاد امام بخش ۽ استاد قلندر بخش سمي کان پڻ سکيا. هي استاد حامد علي خان، بشير بلوچ، استاد وحيد علي خان، استاد ارباب علي خان کوسي، استاد گلزار علي خان، ديدار حسين سمي، ماسٽر فتح علي، سينگار علي سليم، استاد گلزار علي خان سانگهڙائي، استاد لونگ خان سنديلي، پائند علي خان (افغاني گويو)، غلام شبير سمي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن سان طبلي تي سنگت ڪري چڪو آهي. هي طبلي ۽ ڍولڪ سان گڏ شرناءِ به وڄائيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو به آهي.
غلام مصطفيٰ مشتاق هن وقت رتيديري ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنهنجي والد مرحوم جي قائم ڪيل ’استاد گلزار علي خان سنگيت ڪلب رتيديري‘ کي هلائي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو